سيد حفيظ الدين

سيد حفيظ الدين

سيد حفيظ الدين

سيد حفيظ الدين: سياستدان سيد حفيظ الدين ولد سيد قطب الدين شاهه، 2 فيبروري 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. سندس تعلق ’پاڪستان تحريڪ انصاف‘ پارٽيءَ سان آهي. سيد حفيظ الدين، اسلاميه ڪاليج ڪراچيءَ مان ايل. ايل. بي، ايل. ايل. ايم ۽ ڊي. جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس. سي جون ڊگريون حاصل ڪيون ۽ پيشي جي لحاظ کان وڪيل آهي.
سيد حفيظ الدين، پاڪستان تحريڪ انصاف جو سينئر اڳواڻ آهي. 2013ع وارين صوبائي چونڊن ۾ هن پي. ايس-93 ڪراچي-V تان ڪاميابي حاصل ڪئي.
سيد حفيظ الدين، سعودي عرب، سنگاپور، دبئي، آمريڪا ۽ انگلنڊ جا نجي دورا ڪري چڪو آهي. سندس رهائش گاهه، بنارس (سائيٽ) ڪراچيءَ ۾ آهي.


لفظ سيد حفيظ الدينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1955.02.02  عيسوي

سياستدان سيد حفيظ الدين ولد سيد قطب الدين شاهه، 2 فيبروري 1955ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڀرپور شاهه
شهزادي
عبدالحق عالماڻي
مظفر ڀٽو
رامسي تلسي
اظهار قاضي
شير شاهه سوري
باز محمد جوڻيجو ڊاڪٽر
ڄام ڪرن
تاج جويو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون